خادم الاسلام

خادم الاسلام

خادم الاسلام 2

خادم الاسلام (اخبار): هيءَ هفتيوار مذهبي اخبار آل انڊيا اهل حديث ڪانفرنس دهلي جي سرپرستيءَ ۾ 1928ع ڌاري جاري ٿي. هن اخبار جو رجسٽرڊ نمبر 654-S ۽ ايڊيٽر خير محمد نظاماڻي هو. هن اخبار ۾ مذهبي مونجهارن ۽ مسئلن سان گڏ اسلام جي مختلف فقهن تي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا. ان کان علاوه سماجي مسئلن بابت شايع ٿيل ڪتابن تي تنقيد کي پڻ شامل ڪيو ويندو هو. هن اخبار جي قيمت 9 پايون ڄاڻايل آهي. هيءَ اخبار انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو